19 پیر , فروری 2018

ڪرم ايجنسي ۾ ڊرون حملي جون خبرون غلط آهن، ڪو ڊرون حملو ناهي ٿيو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪرم ايجنسي ۾ ڊرون حملي جون خبرون غلط آهن، جڏهن ته پاڪستان جي حدن ۾ ڪو به حملو ناهي ٿيو، آرمي چيف جي افغان دوري بعد ٻنهي ملڪن جي فورسز ۾ سهڪار وڌيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب افغانستان ۾ ريزولوٽ اسپورٽ مشن ۽ افغان فورسز جو آپريشن جاري آهي ۽ اهو آپريشن افغان علائقي خوست ۽ پڪتيا ۾ ڪيو پيو وڃي، ڪرم ايجنسي ۾ ڊرون حملي جون خبرون غلط آهن، پاڪستاني حدن ۾ ڪو ڊرون حملو ناهي ٿيو ۽ پاڪ فوج پنهنجي علائقي ۾ مڪمل طور تي الرٽ آهي، ريزولوٽ سپورٽ مشن آپريشن جا تفصيل وقت سر شيئر ڪيا آهن، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ افغانستان ۾ ڪيترائي ڊرون حملا ٿيا ۽ دهشتگردن جي وڏي جاني نقصان جا اطلاع مليا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪارڪنن جي ووٽ سان ئي سربراهي جو معاملو حل  ٿيندو: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته جيڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے