24 جمعہ , نومبر 2017

نواز شريف ۽ نقلي خان ٻنهي کي پنجاب ۾ به شڪست ڏينداسين: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته لاهور جي پارٽي اڳواڻن جي ڏکيائين کان آگاهه آهيان، آصف زرداري چيو ته مسلم ليگ ن لاهور ۾ ترقياتي ڪم پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف خيبر پختونخواهه تائين محدود ٿي وئي آهي، مسلم ليگ رڳو وچ پنجاب جي حڪمران آهي، آصف زرداري چيو ته 2018 ۾ پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه مان وڌيڪ سيٽون کڻنداسين، ڪارڪن اليڪشن جي تياري ڪن، ٽڪيٽ هولڊرن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، نواز شريف ياد رکي ادارن سان محاذ آرائي جو نتيجو خطرناڪ هوندو، ايندڙ وقت پيپلز پارٽي جو هوندو، معيشت انتهائي خطرناڪ حد کي ڇهي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان مشڪل ترين دور مان گذري رهيو آهي، فيصلا عقلمندي سان ڪرڻا پوندا، عمران خان جي دلچسپي رڳو وزيراعظم بڻجڻ ۾ آهي، هاڻي پنجاب به نواز شريف جي هٿ مان نڪرندو پيو وڃي، آصف زرداري چيو ته 2013 ۾ معيشت کي جتي اسان ڇڏيو، اڄ اتان کان به پٺتي هلي وئي آهي، پنجاب جيالن جو ڳڙهه آهي، اهو 2018 جي چونڊن مان ثابت ٿي ويندو، نواز شريف ۽ نقلي خان ٻنهي کي پنجاب ۾ به شڪست ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے