24 جمعہ , نومبر 2017

عمران خان کي روڪڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن ٿي ويو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان کي روڪڻ مشڪل نه پر ناممڪن ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان نيازي سروسز جي مني ٽريل به پيش ڪري ڇڏي آهي، اها ڪمپني عمران خان جي ناهي ڇاڪاڻ ته هو شيئر هولڊر ناهي ۽ ججن به چيو آهي ته ڪيس ختم ٿيڻ گهرجي، سندن مخالفن کي به هاڻي لڳي ٿو ته ڪيسن مان ڪجهه نه ٿيندو، هاڻي مخالفن طرفان جعلي اڪائونٽس استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر نئين گاڏي گهري آهي ته ڇا اها توهين عدالت هوندي، هاءِ ڪورٽ کي ٻڌائڻو آهي ته ڪٿي جائز تنقيد آهي، هڪ اخبار سپريم ڪورٽ جي جج بابت ڪوڙي ڪهاڻي ڇاپي ٿي پر عدالت ڪو به نوٽيس نه ٿي وٺي. سندس چوڻ هو ته عمران خان ادارن جي توهين برداشت نه ڪندو، هاڻي کيس روڪڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن سندس غلط وارنٽ جاري ڪيا جنهن کي چئلينج ڪيو ويندو.  فواد چوڌري چيو ته نواز شريف سرڪاري ناڻي جي ڦرلٽ ڪئي ۽ سموري رقم پرڏيهه منتقل ڪئي، هاڻي هو احتساب عدالت ۾ جواب نه ڏئي رهيو آهي، مريم چوندي هئي ته لنڊن ڇا پر پاڪستان ۾ به ڪابه ملڪيت ناهي. هن چيو ته چيف جسٽس پاڻ کي پاناما ڪيس کان الڳ ڪيو ۽ هو عمران خان ۽ جهانگير ترين ڪيسن جي ٻڌڻي پاڻ ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ نين چونڊن طرف وڌي رهيو آهي ۽ مسلم ليگ ن ٽٽڻ وڃي رهي آهي، جنهن جا 2 ڌڙا ٺهي چڪا آهن، هڪ گروپ چوڌري نثار جو آهي جيڪو عقل جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے