24 جمعہ , نومبر 2017

عورتن تي حملن جي شڪي جوابدار وسيم جي ڪراچيءَ اچڻ جون شاهديون نه مليون آهن: ڊي آءِ جي سلطان خواجه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڊي آءِ جي سلطان خواجه چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ عورتن تي ڇرين سان حملن جي پنجاب مان گرفتار ٿيل مبينا جوابدار محمد وسيم جي ڪراچيءَ اچڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن. ڪراچيءَ ۾ انساني حقن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس سينيٽر نسرين جليل جي صدارت هيٺ ٿيو. ڊي آءِ جي سلطان خواجه بريفنگ ڏيندي چيو ته ڇرين سان حملن واري ڪيس ۾ 38 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وسيم جي دوست شهزاد کي لانڍي مان گرفتار ڪيو، ايس ايس پي جاچ 10 ڏينهن کان ساهيوال ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان ڪراچيءَ ۾ سي ٽي وي ڪئمرائن جو ڪو به نظام ناهي. هن چيو ته گلستان جوهر ۾ ڳاڙهي رنگ جون 1500 گاڏيون رجسٽرڊ آهن، 200  سمن جي ڊيٽا چيڪ ڪئي ۽ 15 هزار ڪالز کي ٽريس ڪيو ويو. هن چيو ته وسيم جي ڪراچي اچڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن،  سندس استعمال هيٺ 16 سمن جي ڊيٽا حاصل ڪئي، هڪ مان به ڪراچي ڪال نه ڪئي وئي ۽ نه وري وصول ڪئي وئي. ڊي آءِ جي سلطان خواجه چيو ته ٽن نفسياتي اسپتالن ۾ مريضن جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي مشتاق مهر چيو ته  75 اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٻن دهشتگردن ڪئي. هن چيو ته 2016 ع ۾ 75 پوليس ۽ سڪيورٽي اهلڪار قتل ڪيا ويا.  سندس چوڻ هو ته عورتن تي حملن جي واقعن جي ڪيترن ئي رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، رينجرز جا 100 ۽ پوليس جا 200 اهلڪار گلشن اقبال ۽ جوهر ۾ مقرر آهن. سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته واقعن ۾ هڪ جهڙائي نه ڳوليو جاچ جي ٻين رخن تي به ڪم ڪيو. هن چيو ته هڪ جوابدار ڪيترن ئي شهرن ۾  نه ٿو وڃي سگهي، ساهيوال، چيچا وطني ۽ ڪراچيءَ ۾ عورتن تي حملا ٿيا ته ٽولو ملوث هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے