18 سومر , جون 2018

مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز طرفان اين اي 120 جو دورو، ڪارڪنن طرفان شاندار آجيان

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز اين اي 120 جو دورو ڪيو. مريم نواز پنهنجي والد جي چونڊ تڪ اين اي 120 پهتي ته ڪارڪنن طرفان سندس شاندار آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي. مريم نواز ايم پي اي ماجد ظهور جي چونڊ آفيس جو دورو ڪيو جنهن دوران سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. مريم نواز مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪيون ۽ هن تڪ توڙي عوام جا مسئلا دريافت ڪيا. اڳوڻي وزيراعظم جي نياڻي اسلام آباد ابدالي چوڪ يوسي 58 جي چيئرمين ۽ وائس چيئرمينن سان به ملاقات ڪئي ۽ تڪ جي ترقياتي ڪمن تي زور ڀريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے