20 منگل , فروری 2018

جهانگير ترين ثابت ڪري ته سندس زمين تي پوک ٿي آهي: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار  جهانگير ترين نااهلي ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته رڳو ليز ٺاهه سان حقيقتون واضح نه ٿيون ٿين، ثابت ڪيو وڃي ته زمين تي پوک ٿي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جهانگير ترين جي نااهلي لاءِ حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيل سڪندر بشير دليل ڏيندي چيو ته عدالت کي 18 هزار 566 ايڪڙ ايراضي جا دستاويز آهن ۽ دستاويز رحيم يار خان ۽ راجن پور جي علائقي بابت آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته رڳو ليز جي معاهدي مان حقيقتون واضح نه ٿي رهيون آهن، ثابت ڪيو ته توهان جي زمين تي پوک ٿي آهي.  چيف جسٽس سوال ڪيو ته علائقي جي روينيو آفيسر کي گهرايو وڃي يا وري ڪميشن جوڙي وڃي؟ جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته عدالت پنهنجي اطمينان لاءِ حڪم جاري ڪري سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے