24 جمعہ , نومبر 2017

اليڪشن ڪميشن عائشه گلالئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي درخواست تي  فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اي ايم اين اي عائشه گلالئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي باغي ايم اين اي عائشه گلالئي خلاف عمران خان جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وئي.ٻڌڻي دوران عائشه گلالئي جي وڪيل بئريسٽر مسرور ريفرنس ۾ هنيل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. هن اليڪشن ڪميشن ۾ شوڪاز نوٽيس، ڪوريئر ڪمپني جي بڪنگ ۽ ڊليوري جا تفصيل پيش ڪندي چيو ته شوڪاز نوٽيس بابت بد نيتي سامهون آئي آهي،عائشه گلالئي کي شوڪاز نوٽيس مقرر تاريخ کانپوءِ پوسٽ ڪيو ويو ۽ پارٽي سربراهه کيس جواب ڏيڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. 17 آگسٽ تائين جواب گهرڻ جو نوٽيس 18 آگسٽ تي پوسٽ ڪيو ويو. وڪيل چيو ته عائشه گلالئي تحريڪ انصاف نه ڇڏي آهي، هن ست آگسٽ تي قومي اسيمبليءَ ۾ استعيفيٰ نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ عائشه گلالئي جي تقرير جو ٽرانسڪرپٽ ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن عائشه گلالئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جيڪو 24 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے