24 جمعہ , نومبر 2017

افتخار محمد چوڌري کان گاڏي ۽ پئٽرول خرچ جا 40 لک رپيه واپس وٺڻ جي سفارش

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) آڊيٽر جنرل قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي موڪليل رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي سڪيورٽي جي نالي تي ڏنل بلٽ پروف گاڏي جي مرمت ۽ پئٽرول تي ٿيندڙ 4 ملين رپين جا خرچ واپس ورتا وڃن، حڪومت عدالتي فيصلي جي ابتڙ اڳوڻي چيف جسٽس کي غير قانوني رعايت ڏني آهي. حڪومت سڪيورٽيءَ جي نالي تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي بلٽ پروف گاڏي ڏني آهي. گاڏيءَ جي مرمت ۽ پئٽرول جي کپت تي 40 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ٿي رهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس تي ٿيندڙ خرچ قومي ناڻي تي بار ۽ غير قانوني آهي. رپورٽ موجب چيف جسٽس کي رٽائرمينٽ پينشن سميت پئٽرول خرچ ڏنو ويندو آهي ته حڪومت پوءِ خرچن تحت اضافي فنڊ ڇو ڏئي رهي آهي. آڊٽ اختيارين پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي اهو خرچ حڪومت کان ورتو آهي جنهن جي واپسي ضروري آهي ته جيئن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي هر حال ۾ يقيني بڻايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے