20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

عوامي آواز| ليکڪ خير محمد ڪولاچي جي ڪتاب ”ساڻيهه جي سڪ“ جو تعارفي اڀياس | پروگرام: تخليق | ميزبان: زرار پيرزادو | مهمان: خير محمد ڪولاچي 2017-10-13

ڪراچي (ٽي وي نيوز) ڪتاب ” ساڻيهه جي سڪ“ جي ليکڪ خير محمد ڪولاچي چيو آهي ته لوڪ ادب جي ڏند ڪٿائن وارن روين سبب اسان جي ادب توڙي تحقيق ۾ جمود آيل آهي.اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي هفتيوار ادبي پروگرام ”تخليق“ ۾ پنهنجي مضمونن تي ٻڌل تازي شايع ٿيل ڪتاب ”ساڻيهه جي سڪ“ جو تعارفي اڀياس ڪندي ڪيو. پروگرام جي ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي خير محمد ڪولاچي چيو ته منهنجي ڪتاب ۾ سنڌين جي انهن روين کي موضوع بڻايو ويو آهي. جيڪي منهنجي خيال ۾ سنڌين جي ترقي ۾ رنڊڪ آهن ۽ گڏوگڏ هڪ تقابلي جائزو به آهي ته پنهنجو احتساب به آهي.هن چيو ته مون کي پڙهڻ جو شروع کان شوق هو پر لکڻ جو موقعو ڪئناڊا ۾ رهندي مليو. هن چيو ته ٻاهرين دنيا جي ماڻهن ۽ قومن جي روين ۽ مشاهدن کي ڏسڻ کانپوءِ مون کي پنهنجي سنڌي سماج اندر ڪيتريون ئي اوڻايون نظر آيون. جن کي ڏسندي مون کي احساس ٿيو ته مان مضمونن ۽ ڪتاب ذريعي سنڌي ماڻهن کي ٻڌايان ته ٻاهرين دنيا ڪيئن ترقي ڪئي آهي ۽ ڪيئن ڪاميابي ماڻي آهي ۽ اهي ڪهڙا رويا آهن. جيڪي اسان جي ترقي ۾ رنڊڪ بڻيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪولاچي چيو ته هو جلد ٻيو ڪتاب آڻڻ جو به ارادو رکي ٿو. 029

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز:فائونڊيشن پاور پلانٽ ڪميپني داد لغاري جي انتظاميه جون ڪاڪرنن سان نا انصافيونم ورڪرن جو احتجاج

*- فائونڊيشن پاور پلانٽ ڪمپني دادلغاري جي انتظاميه جي ورڪر دشمن ڪاررواين خلاف ورڪرن ۽  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے