21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

آمريڪا ڄاڻي واڻي اسان سان لاڳاپا خراب پيو ڪري: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس چيو آهي ته آمريڪي حڪومت اسان سان پنهنجا لاڳاپا ڄاڻي واڻي خراب ڪري رهي آهي. روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪا ۾ روسي نمائندا آفيسن جي عمارتن سان پنهنجي ملڪ جو جهنڊو لاهڻ واري آمريڪي قدم ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته آمريڪا ڄاڻي واڻي اسان سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. روس اهڙي قدم تي آمريڪي اختيارين اڳيان سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ جوابي قدم لاءِ تڪڙو فيصلو ڪيو ويندو. واضح رهي ته آمريڪي حڪومت سان فرانسسڪو ۾ روسي قونصل خاني ۽ واشنگٽن ڊي سي ۾ روس جي نمائندا واپاري آفيسن کي بند ڪرڻ کانپوءِ تازو انهن عمارتن تان روس جو پرچم به لاهي ڇڏيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آڪسفورڊ ڪاليج مان تصوير کانپوءِ هاڻي سوچي جو نالو به هٽايو ويو

لنڊن( ويب ڊيسڪ ) روهنگيا مسلمانن تي ظلم خلاف آواز نه اٿاريندڙ آن سانگ سوچي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي