12 اڱارو , ڊسمبر 2017

آصف زرداري ڪرپشن جي ڳالهه پيو ڪري، قيامت جي نشاني آهي: عمران خان

پشاور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري اڄ ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪا قيامت جي نشاني آهي، پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته آصف زرداري چار ڏينهن کان پشاور جا چڪر لڳائي رهيو آهي ۽ زرداري ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جنهن کي مان قيامت جي نشاني سمجهان ٿو، زرداري چئي رهيو آهي ته پختونخواهه ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي ته زرداري تون پاڪستان جي سڀ کان وڏي بيماري آهين، سندس چوڻ هيو ته زرداري تون تمام وڏو ڌاڙيل آهين ۽ مان سنڌ اچي رهيو آهيان، ماڻهو تيار ڪري رهيو آهيان، ته جيئن ڊڄ جا زنجير ٽٽي وڃن، هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ٻڌي وٺ، اوهان وزيراعظم آهي يا شريف خاندان جا درٻاري، اڄ ملڪ ۾ غربت ان لاءِ آهي، جو اسان جي مٿان ڌاڙيل ويٺا آهن، پختونن جي ليڊر جو نالو وٺون ٿا ته ماڻهو شور مچائيندا آهن، ايزي لوڊ، بلوچستان ۾ پختونن جو ليڊر اچڪزئي بڻيل آهي، اچڪزئي ۽ فضل الرحمان پختونخواهه تي وڏو ظلم ڪيو، فاٽا جي پختونخواهه ۾ ضم ٿيڻ تي فضل الرحمان ۽ اچڪزئي مخالفت ڪئي، اسفند يار ولي، نواز شريف، فضل الرحمان، آصف زرداري اهي سڀ ڌاڙيل آهن، جيڪو گهر مان چوري ڪندو آهي، ان کي چور ئي چيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان پنهنجي وزيرن جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے