21 جمعو , سيپٽمبر 2018

احمدين کي ڪڏهن به مسلمان نه چيو، سياسي مخالفن بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سياسي مخالفن احمدين بابت منهنجو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، مون احمدين کي ڪڏهن به مسلمان ناهي چيو ۽ نه ئي آئين جي موجب هو مسلمان آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سياسي مخالفن منهنجي حوالي سان چيو ته قادياني غير مسلم ناهن ۽ مسلمان آهن، منهنجو ختم نبوت تي واضع ايمان آهي، اهو ايمان جو بنيادي جز آهي، جيڪو ختم نبوت تي يقين نٿو رکي اهو اسلام جي دائري مان خارج ٿي ويندو آهي ۽ انهيءَ بنياد تي احمدي به اسلام جي دائري مان خارج ٿيا.  هن چيو ته اسنا جي آئين ۾ به احمدين کي غير مسلم قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته رياست اسان جي عيسائي، هندو يا سک ڀائرن کي مڪمل مذهبي آزادي ڏيندي آهي پر احمدي ڪميونٽي کي غير مسلم اقليت جي طور تي اها رعايت نٿي ڏئي سگهجي ۽ ان تي عالم به متفق آهن ڇچو ته احمدي پاڻ کي غير مسلم ڊڪليئر ناهن ڪندا ۽ هو پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪندا آهن ۽ اسلامي شعرن ت عمل جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان ڪم جي هنن کي اجازت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے