21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

ڪامره ۾ مسافر وين سان حادثو، 8 ڄڻا فوت

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي کان پشاور ويندڙ مسافر وين وڻ سان ٽڪرائڻ سبب 8 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب راولپنڊي ويندڙ مسافر وين وڻ سان ٽڪرائجي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. موٽر وي پوليس موجب حادثو ڪامره جي ڀرسان ڳوٺ فتح الله ۾ پيش آيو جڏهن مسافر وين جي ڊرائيور ٽرڪ کي اووٽيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گاڏي بي قابو ٿي تيز رفتاري سبب وڻ سان ٽڪرائجي پئي. حادثو ايتري قدر خطرناڪ هو جو ٿڏي تي ئي هڪ عورت سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ريسڪيو جي اهلڪارن گاڏي جي باڊي ڪٽي لاش ٻاهر ڪڍيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن جي حامي سوشل ميڊيا واهپيدارن جي گمشدگي تي ڳڻتي آهي: نواز شريف

لنڊن( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي