12 اڱارو , ڊسمبر 2017

شيخ رشيد جي نااهلي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر، سپريم ڪورٽ طرفان 3 رڪني بينچ قائم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار شيخ رشيد جي نااهلي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي ٽي رڪني بينچ قائم ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب پاڪستان عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي نااهلي خلاف مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شڪيل اعواڻ درخواست داخل ڪئي. درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ شيخ رشيد تي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ اثاثا لڪائڻ جو الزام لڳايو آهي. سپريم ڪورٽ شڪيل اعواڻ جي درخواست منظور ڪندي 18 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. درخواست جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس جي حڪم تي جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سجاد علي شاهه شامل هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے