20 اربع , جون 2018

عوامي آواز نيوز| جسٽس (ر) ناصره اقبال، عورت جج کي مستقل نه ڪرڻ وارو فيصلو چيلينج

 جسٽس (ر) ناصره اقبال عورت جج ارم سجاد گل کي مستقل نه ڪرڻ واري جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ارم سجاد گل کي بطور جج مستقل ڪرڻ ميرٽ جي خلاف آهي جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي تي لازم آهي ته ميرٽ تي مقرريون ڪري. ميرٽ موجب مقرري ئي عدالت جي آزادي جي ضامن ٿي سگهي ٿي جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي جي حيثيت برابر آهي.

عدالت عظميٰ کان درخواست آهي ته جوڊيشل ڪميشن جو 4 مئي 2017 جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ارم سجاد گل جو نالو بطور جج مستقلي لاءِ ٻيهر ڪميشن ڏانهن موڪليو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: نصير آباد ۾ رسول بخش پليجو جي ياد ۾ ميڙاڪو

عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جي ياد ۾ نصيرآباد  ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے