21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز نيوز| ڪراچي:احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي

 ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ جي جي وي ايل ۾ ڊاڪٽر عاصم سميت ٻين جي خلاف ستر ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جوابدار  اقبال زيد احمد حاضري مان مستقل استثنيٰ ڏيڻ جي درخواست ڏني وئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن اقبال زيد احمد جي عمر هن وقت 76 سال آهي جيڪو هر حاضري تي لاهور مان عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي ڊاڪٽرن طرفان کيس آرام جو مشورو پڻ ڏنو ويو آهي.

 عدالت اقبال زيد احمد جي حاضري مان مستقل استثنيٰ واري درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت جوابدارن جي وڪيلن جي غير حاضري سبب ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته هو عدالتن جا چڪر هڻندو رهي ٿو جيلن مان اي سي ايل جو مقابلو ڪيو پر نواز شريف محلن ۾ ويٺو آهي .

هن چيو ته نواز شريف لاءِ هڪڙو ۽ هنن لاءِ ٻيو قانون آهي …….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز رپورٽ: لاڙڪاڻو:سٽي اسڪول لاڙڪاڻي پاران تعليم جو معيار بهتر ۽ بين الاقوامي بنائڻ لاءِ استادن جي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو جاري آهي

سٽي اسڪول لاڙڪاڻي پاران تعليم جو معيار بهتر ۽ بين الاقوامي بنائڻ لاءِ استادن جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي