21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

گاڊ فادر جي حڪم تي عدالت ۾ غنڊه گردي ٿي: طاهر القادري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته گاڊ فادر جي حڪم تي عدالت ۾ گنڊه گردي ٿي. نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي جي موقعي تي احتساب عدالت ۾ وڪيلن جي ڇڪتاڻ جي ڪري جج اڄ ڪارروائي ڪرڻ کان سواءِ ئي ٻڌڻي ملتوي ڪئي جنهن جي ڪري نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه احتساب عدالت ۾ پيش آيل واقعي تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت ۾ ڇڪتاڻ مذمت جوڳو عمل آهي، گاڊ فادر جي حڪم تي عدالت ۾ غنڊه گردي ٿي جڏهن ته رينجرز کي هٽائڻ جو اصل مقصد واضع ٿي ويو. طاهر القادري چيو ته احتساب عدالت ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو فلم جو ٽريلر هليو، عدالت جي سيڪيورٽي فوج ۽ رينجرز جي حوالي ڪئي وڃي. هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اهي ماڻهو ادارن کي بدنام ۽ ملڪي معيشت کي برباد ڪندا. حڪومت ۾ ويٺل وزير ملڪ کي بحرانن ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن، هي ايترو وڏو بحران پيدا ڪندا جنهن مان نڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي