21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

راڻا ثناءُ الله تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اچڻ تي تاحيات پابندي لاڳو، ميمبر شپ به ختم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ بار قاديانين جي باري ۾ بيان ڏيڻ تي پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله تي تاحيات پابندي لڳائيندي سندس بار ميمبر شپ  به ختم ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب راڻا ثناءُ الله طرفان قاديانين جي باري ۾ هڪ ٽي وي پروگرام دوران غلط بيان ڏيڻ  واري معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ راڻا ثناءُ الله جي لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ اچڻ تي تاحيات پابندي لاڳو ڪرڻ کان سواءِ سندس ميمبر شپ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته قاديانين جي حق ۾ بيان ڏيڻ تي راڻا ثناءُ الله کي تاحيات نااهل ڪيو وڃي ۽ ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ان خلاف باضابطا طور تي وڪلين جي تحريڪ هلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي