21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪينيڊين ڪٽنب کي آمريڪي انٽيليجنس اطلاع تي پاڪ فوج آپريشن ڪري بازياب ڪرايو: پرڏيهي کاتي جو ترجمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪينڊين ڪٽنب کي آمريڪي انٽيليجنس جي اطلاع تي پاڪ فوج آپريشن ڪري بازياب ڪرايو، سمورن پرڏيهين کي افغانستان مان اغوا ڪيو ويو هو، آمريڪا پاڪستان جي سهڪار ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي ساراهيو. نفيس ذڪريا هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته افغانستان ۾ ڀارت جو وسيع ڪردار خطي جي مفاد ۾ ناهي، ڀارت جو ڪردار خطي جي مضبوطي لاءِ خطرناڪ آهي. هن چيو ته ڪشمير حل طلب مسئلو آهي، عالمي برادري معصوم ڪشميرين تي ظلمن جو نوٽيس وٺي، والاريل ڪشمير ۾ گمنام قبرن جو معاملو ڀارتي چهري کي بي نقاب ڪري ٿو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا جي روس واري دوري ۾ اختيارين سان ملاقات سٺي رهي، پرڏيهي سيڪريٽري ايس سي او ۽ افغانستان بابت رابطن واري گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اعليٰ سطحي آمريڪي وفد پاڪستان جي دوري تي آهي جنهن جي پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقاتون ٿيون آهن، ان دوران پاڪستان ۽ آمريڪا رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے