21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

ن ليگ ڪيس وڙهڻ بدران عدالتن سان وڙهڻ واري تاريخ ورجائي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي ترجمان چيو آهي ته مسلم ليگ ن ڪيس وڙهڻ بدران عدالتن سان وڙهڻ جي تاريخ ورجائي آهي. نيب ريفرنسز ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي احتساب عدالت ۾ وڪيلن جي ڇڪتاڻ جي ڪري جج محمد بشير اڄ ڪارروائي کان سواءِ ئي ٻڌڻي ملتوي ڪئي جنهن جي ڪري شريف ڪٽنب تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. پيپلز پارٽي جي ترجمان چوڌري منظور احتساب عدالت ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ن ليگ ڪيس وڙهڻ بدران عدالتن سان وڙهڻ جي تاريخ ورجائي آهي، نواز شريف کي گهرايو ويو ته سپريم ڪورٽ تي حملو ٿيو، ان وقت چيف جسٽس ڀڄي جان ڇڏائي هئي، اڄ وري هنگامو ڪري احتساب عدالت جي جج کي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. ترجمان وڌيڪ چوڻ آهي ته  نواز شريف ملڪ کي انارڪي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ جي چيل ڳالهه صحيح ثابت ٿي ته هي گاڊ فادر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي