21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

ن ليگ اڄ وري عدالت تي حملو ڪيو، احسن اقبال جو رينجرز بابت ڊرامو اڄ سمجهه ۾ آيو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ مسلم ليگ ن ٻيون ڀيرو عدالت تي حملو ڪيو. نيب ريفرنسن جي ٻڌڻي جي موقعي تي احتساب عدالت ۾ وڪلين جي جهيڙي سبب جج محمد بشير اڄ ڪارروائي ڪرڻ کان سواءِ ئي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڏي جنهن جي ڪري نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. عمران خان احتساب عدالت ۾ پيش آيل واقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيتر تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو. عمران خان چيو ته نواز شريف پرڏيهه ۾ پيل رقم کي بچايو ويو آهي. هن چيو ته اڄ درٻاري احسن جو عدالت جي ٻاهران رينجرز بابت ڊرامو سمجهه ۾ آيو جيڪو نيب جج کي غير محفوظ ڪرڻ جي لاءِ هيو.  هن چيو ته ن ليگ رياستي ادارن کي تباهه ڪرڻ پٺيان پئي آهي، قوم ان جي خلاف تيار ٿئي ۽ پنهنجي رياستي ادارن جو دفاع ڪري. عمران خان وڌيڪ چيو ته ادارن جي تباهي جو مطلب رياست جي تباهي آهي ۽ اها شريفن جي ايجنڊا آهي جنهن کي قوم ختم ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي