12 اڱارو , ڊسمبر 2017

خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانون ۾ ترميمون ڪري سگهجن ٿيون: صدر ممنون حسين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ممنون حسين جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونن ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته سلامتي بابت چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده علمي ۽ عملي سرگرمين جي ضرورت آهي. اين ڊي يو نيشنل سيڪيورٽي  ورڪشاپ کي خطاب دوران صدر ممنون حسين چيو ته ماضي ۾ اچڻ ۽ وڃڻ واري سلامتي لاءِ چند غير روايتي خطرا سامهون آيا، موجوده صورتحال ۾ قومي سلامتي جا تصور بدلجي چڪا آهن. سلامتي بابت چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده علمي ۽ عملي سرگرمين جي ضرورت آهي. ڪجهه عنصر گمراهي تي ٻڌل بيان ڦهلائڻ ۾ ناڪام رهيا، مذهب ۽ انتهاپسندي کي گڏائڻ گمراهي آهي. هن چيو ته قومي سلامتي کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونن ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته صحت، تعليم ۽ روزگار جي شعبن ۾ جمود جو خاتمو، قانون لاڳو ڪندر ادارن جي انگ ۽ اهليت ۾ واڌ ناگزير آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے