21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

سمارٽ فون ختم ڪرڻ جي منصوبي جو آغاز ؟

ڪيلورونيا(ويٻ ڊيسڪ)فيس بڪ نئو اوڪيوليس وي آرهيڊ سيٽ گو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جي قيمت 199 ڊالر (ويهه هزار پاڪستاني روپين کان وڌيڪ ) رکي وئي آهي ۽ هي ايندڙ سال جي شروع ۾صارفن لاءِ  دستياب ٿي سگهي ٿو.ان ۾ فيس بڪ جي فليگ شپ وي آر هيڊ سيٽ اوڪيولس رفٽ جهڙا فيچرز  نه هوندا هي فيوچر بنيادي طور تي عام صارفين لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، فيس بڪ جو باني مارڪ زڪربرگ چيو آهي ته  مستقبل ۾ هڪ ارب ماڻهون ورچوئل رئيلٽي ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪن ۽ ان مقصد لاءِ ڪمپني پنهنجو سڀ کان سستو ورچوئل رئيلٽي  هيٽ سيٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کي استعمال ڪرڻ لاءِسمارٽ فون جي به ضرورت ناهي، جنهن ڪمپني جو سمارٽ فون جي خاتمي جي منصوبي لاءِ به پهريون قدم ثابت ٿي سگهي ٿو، مارڪ زڪربرگ جو چوڻ آهي ته اهڙا وي آر هيڊ سيٽ جنهن کي  استعمال ڪرڻ لاءِ اسمارٽ فون جي ضرورت نه هجي ۽ قيمت تمام گهٽ هجي هو ماڻهن لاءِ تمام گهڻو لاڀائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.فيس بڪ جي باني جو چوڻ آهي ته هن وقت اسان اهو  نٿا ٻڌائي سگهون ته هڪ ارب ماڻهون ڪئين هن ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪندا، ڇو ته اڃان هن جي ضرورت ايتري نه آهي مستقبل ۾ نظر ۾ رکندي هڪ  ٽيڪنالوجي صارفين جي لاءِ وڏو ڪم ڪندي

واضح رهي ته فيس بڪ 2022 تائين سمارٽ فونون جي خاتمي جو هدف مقرر ڪري ڇڏيو آهي فيس بڪ جي اعلي اختيارين گّذريل سال اپريل مهيني واضح ڪيو هو ته 5 سالن اندر اي آر ٽيڪنالوجي تي ٻڌل گلاسز سمارٽ فونون جي جاءِ وٺنديون ۽  روزاني زندگي جي بنيادن تي جي ڪمپيوٽنگ ڊيوائس تيار ٿي ويندا فيس بڪ جي ڪمپني او ڪيولس ريسرچ جي سربراهه دعويٰ ڪئي هئي جنهن جي تحت ورچوئل رئيلٽي هيڊ سيٽس ۽ اگومينٽڊ رئيلٽي گلاسز تي ڪم جاري آهي

ان جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ ليس گلاسز اڄ ڪلهه جي عام عينڪون جيان هوندا جن جو وزن گهٽ هوندو پر هي پائڻ واري جي يادداشت کي وڌائڻ، غيرملڪي زبانن جو فوري ترجمو، آس پاس جي ڳالهه ٻولهه يا آواز کي ڪن ۾ وڃڻ کان روڪڻ سان گڏوگڏ هڪ نظر ۾ ٻار جي جسماني درجا حرارت جي حوالي سان آگاهي ڏيندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

هونڊا نئين ايس يو وي گاڏي وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏي

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) هونڊا پنهنجي نئين هائيبرڊ گاڏي سي آر وي 2018ج مختلف ملڪن ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي