12 اڱارو , ڊسمبر 2017

ججن جي نظربندي وارو ڪيس: پيش نه ٿيڻ تي مشرف جا ضمانتي مچلڪا ضبط ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي خلاف ججن جي نظربندي واري ڪيس ۾ عدالت لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي خلاف ججن جي نظربندي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي جي دوران پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه ۽ ضامن ڪيپتن ريٽائرڊ نذير عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت طرفان پڇاڻو ڪيو ويو ته ضامن ٻڌائي ته پرويز مشرف ڪڏهن عدالت جي سامهون پيش ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن پرويز مشرف پيش نه ته ضمانتي مچلڪا بحق سرڪار ضبط ڪيا ويندا، جنهن تي اختر شاهه ايڊووڪيٽ چيو ته پرويز مشرف اچڻ چاهي ٿو، ڊاڪٽر اجازت ڏني ته واپس اچي وينداسين. عدالت پرويز مشرف جي ضامن کي لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے