11 پیر , دسمبر 2017

ڪراچي: هڪ هفتي ۾ 2 ڄڻا ڊينگي بخار سبب فوت

ڪراچي شهر ۾ ڊينگي بخار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي ۽ هڪ هفتي دوران شهر ۾2 ڄڻا ڊينگي بخار سان فوت ٿي ويا آهن. سربراهه ڊينگي سيل ڊاڪٽر عبدالرشيد موجب شهر ۾ گذريل هڪ هفتي دوران 2 ڄڻا ڊينگي جي سبب فوت ٿي چڪا آهن جنهن کان پوءِ هلندڙ سال شهر ۾ ڊينگي سان فوتين جو انگ 9 ٿي ويو آهي.ڪراچي ۾ هاڻي تائين ڊينگي بخار سان 1300 ماڻهو اسپتال ۾ داخل آهن جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. شهر ۾ ڊينگي کان سواءِ چڪن گونيا جا به ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. ڊاريڪٽر هيلٿ ڪراچي شڪور عباسي جو چوڻ آهي ته شهري ڊينگي کان بچڻ لاءِ احتياطي هدايتون اختيار ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ 18 ورهين جي ڄمار کان پوءِ به قد وڌائي سگهجي ٿو!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) توهان اهو ٻڌو هوندو ته عام طور 18 ورهين کان پوءِ انسان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے