21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ايس ايس پي تشدد ڪيس: عمران ۽ طاهر القادري جي ملڪيتن جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي تشدد ڪيس ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ اشتهاري جوابدارن عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي ملڪيتن جو رڪارڊ پيش ڪيو ويو آهي جنهن بعد سندس ملڪيتن جي قرقي جو عمل شروع ٿي ويندو. تفصيل موجب دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ جج شاهه رخ ارجمند ايس ايس پي تشدد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايس ايس پي عصمت الله بيان رڪارڊ ڪرايو. ايس ايس پي عصمت الله پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڌرڻي دوران 70 کان 80 ماڻهو پي ٽي وي ۽ ريڊ زون ڏانهن وڌي رهيا هئا جن کي روڪڻ جي لاءِ پهتس ته مون کي حملو ڪيو ويو.  ٻڌڻي دوران عدالت ۾ عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي ملڪيتن جو رڪارڊ پيش ڪيو وي، عدالت عمران خان جي لاهور ۽ ميانوالي ۾ موجود ملڪيتن جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے