21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

پيپلز پارٽي هميشه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪيو، ن ليگ وقت کان ڊڄي: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر چيو آهي ته ن ليگ وار  جنهن جي لٺ ان جي مينهن واري محاوري تي عمل پيرا آهن پر انهن کي اُن وقت کان ڊڄڻ گهرجي جڏهن عوام اٿي بيهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته پيپلز پارٽي هميشه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪيو آهي ۽ ان جي پيشي تي ڪڏهن به پارٽي ڪارڪن نه آيا ۽ نه ئي ڪڏهن نعري بازي ٿي پر هو ڪارڪن گڏ کڻي ايندا آهن. اهو ڪهڙي قسم جو قانون آهي،  ڇا پاڪستان ٻه آهن، انصاف ٻٽو آهي يا قانون ٻه آهن؟. ڊاڪٽر عاصم چيو ته مسلم ليگ پهرين به سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ۽ هاڻ به اهو ئي پئي ڪري. هو سمجهن ٿا ته جنهن جي لٺ ان جي مينهن، پر انهن کي وقت کان ڊڄڻ گهرجي جڏهن عوام اٿي بيهي. هن وڌيڪ چيو ته هو هر ڏينهن عدالت جا چڪر هڻندو آهي پر ان سان ڪو خاص سلوڪ ناهي ڪيو ويندو، هن مطالو ڪيو ته ان سان به اهو ئي سلوڪ ڪيو وڃي جيڪو ميان نواز شريف سان ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي