21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

جسٽس (ر) ناصره اقبال عورت جج کي مستقل نه ڪرڻ وارو فيصلو چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جسٽس (ر) ناصره اقبال عورت جج ارم سجاد گل کي مستقل نه ڪرڻ واري جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ارم سجاد گل کي بطور جج مستقل ڪرڻ ميرٽ جي خلاف آهي جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميتي تي لازم آهي ته ميرٽ تي مقرريون ڪري. ميرٽ موجب مقرري ئي عدالت جي آزادي جي ضامن ٿي سگهي ٿي جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي جي حيثيت برابر آهي. عدالت عظميٰ کان درخواست آهي ته جوڊيشل ڪميشن جو 4 مئي 2017 جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ارم سجاد گل جو نالو بطور جج مستقلي لاءِ ٻيهر ڪميشن ڏانهن موڪليو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن جي حامي سوشل ميڊيا واهپيدارن جي گمشدگي تي ڳڻتي آهي: نواز شريف

لنڊن( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي