11 پیر , دسمبر 2017

ڪوئيٽا سول اسپتال سانحي جو مبينا سهولتڪار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پوليس سول اسپتال سانحي جي سهولتڪار دهشتگرد کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گذريل سال 8 ڊسمبر تي ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ بم ڌماڪي ۾ 73 ماڻهو مارجي جڏهن ته 65 زخمي ٿي پيا هئا جن ۾ وڏو انگ وڪيلن جو هو. ڪائونٽرٽيررازم ڊپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) موجب گذريل رات ڪوئيٽا جي علائقي قمبراڻي روڊ تي دهشتگردن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ پوليس جي فائرنگ سان هڪ دهشتگرد مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ اسفنديار جي نالي سان ٿي ۽ اهو دهشتگرد سول اسپتال سانحي جو سهولتڪار هو. سي ٽي ڊي اختيارين موجب ڪارروائي ۾ دهشتگرد جو هڪ ساٿي به گرفتار ٿيو آهي جنهن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.  بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري پوليس جي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ جرات جي مثال نٿي ملي، دهشتگردن جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، صوبي ۾ دهشتگردن کي بيهڻ نه ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن 30 مارچ کان اڳ اقتدار کان ٻاهر هوندي: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے