21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

بازياب ڪرايل ڪينڊين شهري جو آمريڪي ڪمانڊور سان گڏ وڃڻ کان انڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج طرفان بازياب ڪرايل ڪينيڊين شهري ۽ ان جي گهروارن کي آمريڪي ڪمانڊوز جي حوالي ڪيو ويو ته هنن آمريڪي فوجي طياري ۾ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪينيڊين شهري جوشوا بوائل، ان جي گهر واري ڪيتلان ڪولمين ۽ ان جي ٻنهي ٻارن کي گذريل ڏينهن پاڪ فوج دهشتگردن سان مقابلي کان پوءِ بازياب ڪرايو هو. جوشوال بوائل چيو آهي ته هو آمريڪي فوجين سان گڏ وڃڻ بدران اسلام آباد ۾ ڪينيڊين اختيارين سان ملڻ پئي چاهيو. جوشوال بوائل ڪيتلان ڪولمين کان پهرين 2009 ۾ زينب خضر نالي عورت سان شادي ڪئي هئي.  جوشوا جي پهرين زال جو خاندان القاعده سان مبينا لاڳاپن تي ڪينيڊا ۾ پهرين دهشتگرد فيملي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ ان جي ڪري ئي ان کي خدشو آهي ته آمريڪا وڃڻ تي ان کي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي