21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فوج ۾ خاص پيشي وارن ماڻهن جي اچڻ بابت ڪا به پابندي ناهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته فوج ۾ خاص پيشي وارن ماڻهن جي اچڻ بابت ڪا به پابندي ناهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته فوج ۾ پابندي ناهي ته ان ۾ خاص پيشي وارا ماڻهو اچن، پاڪ فوج ۾ عيسائي، هندو ۽ سک به آهن. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ملڪي سيڪيورٽي ۽ معيشت جو گهرو تعلق آهي جيڪڏهن ملڪي حالتون ٺيڪ نه ٿيون ته معيشت متاثر ٿيندي آهي، ملڪي معيشت جيڪڏهن خراب ناهي ته ايتري بهتر به ناهي، گڏجي ويهي ملڪي معيشت تي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ملڪ سيڪيورٽي معاملن کي ڏسندي آهي، ڪجهه مملڪ دهشتگردي خلاف گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، دهشتگردن کي خبر آهي ته هو پاڪستان ۾ نٿا لڪي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے