21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

پاڪ آمريڪا لاڳاپا خطي ۾ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍا اهم آهن: احسن اقبال

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا خطي ۾ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍا اهم آهن. آمريڪا ۾ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ جي تجزيه ڪارن سان خطاب دوران وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ اغوا ٿيل خاندان جي بازيابي پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ اهم موڙ آهي، جڏهن ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا خطي ۾ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم آهن.هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد سان سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري آئي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واضع گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته سي پيڪ پاڪستان سميت ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي