24 ہفتہ , فروری 2018

ڪراچي ۾ چاقوبردار جو هڪ ٻيو حملو، عورت زخمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عورتن تي چاقو سان حملا ڪرڻ وارن واقعن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي جڏهن ته وڌيڪ هڪ عورت کي ڇهري تي وار ڪري زخمي ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ عورتن تي چاقو سان حملا ڪندڙ جوابدار سنڌ حڪومت ۽ پوليس لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي ۽ چاقو سان عورتن تي حملي جو وڌيڪ هڪ واقعو سامهون آيو آهي. نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ حملي آور چاقو جو وار ڪري 35 سالن جي عورت کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، واقعي کان پوءِ عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ان کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ٻئي پاسي عورتن تي چاقو سان حملي جي ڪيس ۾ هن وقت تائين ڪا خاص اڳڀرائي سامهون ناهي اچي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسٽس شوڪت عزيز صديقي خلاف هڪ وڌيڪ شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے