11 پیر , دسمبر 2017

 دبئي پوليس لاءِ جديد ترين ڊرون موٽر سائيڪل متعارف

دبئي(ويب ڊيسڪ)پوليس لاءِ جديد ترين ڊرون بائيڪ متعارت ڪرائي وئي آهي  هي بائيڪ هنگامي جي صورتحال ۾ فوري ايڪشن سان استعمال ڪري سگهجي ٿي. ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ دبئي پوليس لاءِ هنگامي جي حالت ۾ منهن ڏيڻ لاءِ جديد ترين ڊرون بائيڪ متعارف ڪرائي آهي. ڊرون بائيڪ کي”هوورسر“ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ بائيڪ هنگامي جي صورتحال ۾ فوري ايڪشن وٺي استعمال ڪري سگهجي ٿي. بيٽري سان هلڻ واري فلائنگ موٽر بائيڪ پوليس اهلڪار کي کڻي 5 ميٽر جي بلندي تي اڏري سگهي ٿي. جڏهن ته رائڊر جي بغير  به 6 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ سفر ڪري سگهي ٿي. هي موٽر سائيڪل 200 ڪلو ميٽر  في ڪلاڪ جي رفتار تائين وڃي سگهي ٿي. ۽ هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ سان 8 ڪلاڪ تائين استعمال ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته 25 منٽن تائين 300 ڪلو وزن سان گڏ سان 70 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏري سگهي ٿي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ هاڻ هٿ پڙهڻ وارو فون تيار ڪندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سام سنگ ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هو اهڙي اسمارٽ فون تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے