21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز نيوز| ڇني: ڳوٺاڻن جو اسڪول بند هجڻ خلاف احتجاج

ڇني ويجهو  يوسي ساوڙو جي ڳوٺ شهڪ رودناڻي جي رهواسين پاران   اسڪول بند هجڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺاڻن الهيار رودناڻي ، پهلوان، جان محمد رودناڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته پرائمري اسڪول شهڪ رودناڻي  ڪيترن ئي ورهين کان بند  آهي ، اسڪول ۾ 3 استاد  آهن جيڪي  هڪ ڏينهن به اسڪول نه آيا آهن.

پرائمري شهڪ رودناڻي اسڪول کي 2012 ۾ لوئر سيڪنڊري جو درجو پڻ ڏنو ويو، پر ڪڏهن به ڪو  ڪامورو لڙي ڪون آيو

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڳوٺ شهڪ رودناڻي ۾ 300 ٻار آهن جيڪي اسڪول بند هجڻ ڪري مال چارڻ تي مجبور آهن،

هنن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ترت سندن اسڪول  ۾ علمي سرگرميون شروع ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز رپورٽ: لاڙڪاڻو:سٽي اسڪول لاڙڪاڻي پاران تعليم جو معيار بهتر ۽ بين الاقوامي بنائڻ لاءِ استادن جي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو جاري آهي

سٽي اسڪول لاڙڪاڻي پاران تعليم جو معيار بهتر ۽ بين الاقوامي بنائڻ لاءِ استادن جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي