12 اڱارو , ڊسمبر 2017

احتساب عدالت ٻاهران پيش آيل واقعي تي افسوس آ، جاچ ڪرائينداسين: طلال چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ايل واقعي تي افسوس آهي، جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جيئن اڳتي لاءِ اهڙا واقعا پيش نه اچن. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته رش هئڻ سبب اهو واقعو پيش آيو. وڪيلن سان گڏ ويهي مسئلو حل ڪنداسين جيئن اهڙن واقعن کان بچي سگهجي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جا ڪجهه ايم پي اي عدالت جي اندر ويندا آهن ته باقي ڪارڪنن سان گڏ ٻاهر بيٺا هوندا آهن، اسان لاءِ عدالت سڀ کان وڌيڪ احترام لائق آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڀني کي پنهنجي ذميواري جو احساس هئڻ گهرجي، عدالت جي ڪارروائي ۾ ڪو به خلل نه پوڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے