12 اڱارو , ڊسمبر 2017

عوامي آواز نيوز| کپرو: راھمون ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 5 زخمي

کپري ويجهو  راھمون ۽ شر برادري  جي ٻن ڌرين ۾  جھيڙو ٿي پيو  ، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ڄڻا 5 زخمي ٿي پيا.

ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد مگھن موڙ وٽ راھمون برادري جي مير محمد راھمون پاران  اڪبر شر کان قرض جي رقم  گھرڻ تان گارگند بعد جھيڙو ٿي پيو.

 لٺيون ۽ ڪھاڙين لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا  5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمن ۾  مير محمد، يوسف ،سومار راھمون ،جبار شر  ۽ اسماعيل شر شامل آهن.

زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ………

هي به ڏسي سگهو ٿا

|سنڌ منظر جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه| پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طحه

سنڌ منظر جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طحه

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے