21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

احتساب عدالت ٻاهران وڪيلن ۽ پوليس ۾ جهيڙو:فاضل جج نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت جي جج محمد بشير مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدرجي پيشي جي موقعي تي ڇڪتاڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب جج محمد بشير احتساب عدالت جي ٻاهران پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان نه رڳو رپورٽ طلب ڪئي آهي پر اهو به حڪم ڏنو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون جي موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت آءِ جي کي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي تي مقرر ايس ايس پي جميل هاشمي ۽ ڊي ايس پي ادريس راٺهور جي خلاف به ضابطي جي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي