21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم، ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار رضا جي صدارت هيٺ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي. اليڪشن ڪميشن ٻن جي مقابلي ۾ ٽن ميمبرن جي راءِ سان فيصلو ٻڌايو. سنڌ ۽ پنجاب جي اليڪشن ڪمشنرن وارنٽ جاري ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. عمران جي پنهنجي صوبي خيبر پختون خواه، بلوچستان ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وارنٽن جي حمايت ڪئي. اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو ته عمران خان کي گرفتار ڪري 26 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته اڳ ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ ٿيا هئا. جيڪي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ معطل ڪيا. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي اليڪشن ڪميشن وٽ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. جواب نه ملڻ تي اليڪشن ڪميشن کي فيصلي جو اختيار ڏنو هو. هوڏانهن پي ٽي آءِ وارنٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بابر اعواڻ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ ۾ وارنٽ چئلينج ڪنداسين. اليڪشن ڪميشن جي نشاني تي صرف هڪ ليڊر عمران خان ۽ هڪ پارٽي تحريڪ انصاف آهي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے