21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

وڪيلن ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ جهيڙو، احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي جي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ختم. 19 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ٿيندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) شريف ڪٽنب خلاف 3 نيب ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ (جمعي) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت پهتا تنهن هوندي وڪيل ۽ ليگي ڪارڪنن جي هنگاما آرائي جي ڪري عدالتي ڪارروائي اڳتي نه وڌي سگهي ۽ ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتو ڪئي وئي، ايندڙ ٻڌڻي تي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ويندو. تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، ان جي ٻارن ۽ ناٺي خلاف ٽي نيب ريفرنسن جي ٻڌڻي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٿي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ احتساب عدالت جي اندر ۽ ٻاهر 1100 جي لڳ ڀڳ ايف سي ۽ پوليس جا جوان مقرر ڪيا ويا جڏهن ته ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچڻ لاءِ احتساب عدالت ڏانهن ڪنڊيدار تارون به وڇاين ويون پر ليگي ڪارڪنن ۽ وڪيلن ايتري بندوبست باوجود عدالت جي اڱڻ ٻاهران سخت ڇڪتاڻ ۽ ڌڪا مڪي ٿي. ان دوران پوليس ۽ اهلڪارن طرفان لٺبازي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه وڪيل به زخمي ٿي پيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سفير تي حملي جو کُٽڪو، چين جي پاڪستان کي ڪارروائي جي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني پنهنجي سفير تي حملي جو کُٽڪو ظاهر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي