16 خميس , آگسٽ 2018

چري سوشل ميڊيا، فاشسٽ لبرل ۽ صفدر

جاويد سومرو

پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا چري ٿي پئي آهي، محبوب قائد نواز شريف جي زنده دل نياڻي ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻ مريم نواز شريف جي وَر ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر پارليامينت ۾ احمدين خلاف ڪجهه جملا ڇا چيا سوشل ميڊيا جا سمورا لبرل فاشسٽ چريا ٿي پيا.

ويچارو صفدر اڃا نيب هٿان گرفتاري ۽ پوءِ تڪراري ضمانت واري لوڏي مان نڪتو ئي نه هو ته هي چريا ماڻهو سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويا. ڪنهن سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ته ڪنهن هن کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته ڪنهن وري ان کي مريم نواز جي غلطي قرار ڏنو. ڪن ته وري هن جي بيان کي پاڪستان جي فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باوجوا جو پيغام قرار ڏنو.

سبب کڻي ڪهڙو به هجي پر ويچاري صفدر کي ئي ڇو اچي ورتو ويو آهي؟ ڇا اسان منجهان ڪروڙين ماڻهو اهڙي سوچ نه ٿا رکن؟ ڇا اسان بحيثيت هڪ قوم کين غيرمسلم قرار ناهي ڏنو! ڇا اسان جون لڳ ڀڳ سڀئي سياسي جماعتون دل ۽ جان سان يا خوف وچان ههڙي قسم جي بيانن جي مذمت ڪنديون آهن؟ ڇا ملڪ جي ميڊيا ۾ سواءِ ڪجهه اخبارن ۽ هڪ اڌ ٽي وي شوز کانسواءِ ڪنهن ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي ته متان سندن وضو نه ٽٽي پئي. ڇا جڏهن هڪ ملڪ جي سڀ کان وڏي اداري پارليامينٽ ۾ جوش خطابت جو مظاهرو ڪري رهيو هو ته سڄي کاٻي يا وچ ۾ ويٺل اسيمبلي ميمبرن کيس روڪيو ته تون ملڪ جي معصوم شهرين بابت هي ڇا پيو ڳالهائين؟ بس رڳو چرين لبرل فاشسٽن کي ئي پيٽ ۾ وڪڙ ٿا پون.

پاڪستان مسلم ليگ ويجهڙ ۾ ئي پاڻ کي هڪ اينٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ نسبتن پروگريسو پارٽي طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان به اهڙي خاموشي اختيار ڪئي آهي، ڄڻ ڪو نانگ سنگهي ويو هجيس، هي وقت آهي جڏهن پارٽيءَ کي پنهنجو پروگريسو هئڻ ثابت ڪرڻو آهي. پر ڇا اها ايئن ڪندي؟

پاڪستان تحريڪ انصاف نه ئي سهي، ترقي پسنديءَ جي موروثي دعويدار پيپلز پارٽي ئي کڻي ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ها پر اها ايئن ڪيئن ڪري ها، ان جو مقبول اڳواڻ جي دور ۾ ئي احمدين کي غيرمسلم قرار ڏنو ويو هو.

پاڪستان ۾ سن پنجاهه واري ڏهاڪي کان وٺي احمدين کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، سندن خلاف ملڪ جي ملائن جيترا مظاهرا ۽ ڪانفرنسون ڪيون آهن ايترا ته ملڪ ۾ شايد هاڻي احمدي باقي بچيا هجن.

رياست جي سرپرستيءَ ۾ جيڪو تصور احمدين جو بڻايو ويو، ان مطابق ملڪ جي سمورين خرابين، سازشن، تباهين ۽ سياسي موتن جي ذميواري يهودين ۽ هندن کان پوءِ احمدين تي ئي لاڳو ٿئي ٿي. ويچاري ريٽائر صفدر ته مٿن ملازمتن تي پابندي هڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ هنن جي جان ته بخشي.

معاشري ۾ ايمان ايترو اچي ويو آهي جو اهي ماڻهو جيڪي احمدين خلاف ناهن به، اهي به لاشعوري طور کين ”قادياني“ سڏين ٿا، حالانڪه احمدي ان اصطلاح کي پنهنجي لاءِ معيوب سمجهن ٿا.

الائي ڇو هي سڀ ڪجهه لکندي مون کي ننڍپڻ جو هڪ واقعو ياد اچي ويو. مان ستين جماعت ۾ پڙهندڙ هوس، جڏهن مون کي لاڙڪاڻي ۾ ضلعي سطح تي ٿيندڙ ڪوئيز ڪمپيٽيشن لاءِ چونڊيو ويو. اسان لاڙڪاڻي ويجهو هڪ ننڍي شهر شهداد ڪوٽ وياسين جتي اهو مقابلو ٿي رهيو هو. اتي جي ٽيم ۾ ڪجهه ڏاڍ تيز هوشيار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به شامل هئا. جن مان هڪ ڇوڪريءَ سان ويٺي ڳالهيون ڪري رهيو هوس، منهنجي استاد مون کي ڏٺو ته اشاري سان پاڻ ڏانهن اچڻ جو چيو، وٽس ويس ته وڏي رازداريءَ سان مون کي چوڻ لڳو ته جاويد اها ڇوڪري قادياني آهي، ان کان بچجان. قادياني پنهنجي ڇوڪرين ذريعي مسلمانن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪن ٿا.

شڪر آ، مان هن جي ڳالهه نه مڃي ۽ هن جي روح پرور ڳالهه جو مون تي ڪو اثر نه ٿيو پر سڀ ٻار ۽ ماڻهو ته مون وانگر ناديده نٿا ٿي سگهن، هنن جا ذهن ته ننڍي هوندي کان ئي ڪُند ناهن هوندا. سو جيڪو نسل تيار ٿيو آهي سو سندن بابرڪت نظرياتي لپيٽ ۾ اچي تيار ٿيو آهي.

پر هي چريا لبرل فاشسٽ جن جي ملڪ ۾ ڪا حيثيت ناهي، سي شريف ماڻهن تي سڀ گند اڇلائيندا رهن ٿا.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

هي به ڏسي سگهو ٿا

مفاهمت پسندن جي وڪڙ ۾ آيل ڪپتان

شفيق الرحمان شاڪر تبديلي،احتساب ۽ عوام جي تقدير بدلائڻ جي نعرن تي ووٽ حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے