12 اڱارو , ڊسمبر 2017

عوامي آواز نيوز | آل سنڌ ليڊي هليٿ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 17 آڪٽوبر تي گدو چوڪ تي ڌرڻي جو اعلان

آل سنڌ ليڊي هليٿ ورڪرز يونين جي صدرحليمان ذوالقرنين چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود سنڌ حڪومت هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، 17 آڪٽوبر گدو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ به سنڌ حڪومت سنڌ جي هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نه ئي کين سرڪاري ملازمن واريون سهولتن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته حڪومت جي بي حسي سبب ڪيترن ئي مهينن جون پگهارون روڪي کين مالي مشڪلاتن جو شڪار بڻايو پيو وڃي، جنهن ڪري هو سخت پريشان آهن.  هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي کين پگهارون ڏياري ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ 17 آڪٽوبر تي مطالبن جي مڃتا تائين گدو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

|سنڌ منظر جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه| پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طحه

سنڌ منظر جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طحه

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے