22 جمعو , جون 2018

عوامي آواز نيوز | ڀرياسٽي: سول جج پاران پرائمري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جا دورا

ڀرياسٽي ۾ سول جج پرائمري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جا دورا ڪري استادن جو غير حاضري جو نوٽيس وٺي استادن کي ڊيوٽي تي حاضر رهڻ جي هدايت ڪئي.  نوشهرو فيروز سيشن اينڊ ڊسٽرڪٽ جج جي حڪم تي سول جج ديدار احمد سولنگي مختلف ڳوٺن جي اسڪولن تي ڇاپا هڻي غير حاضر استادن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو. هن چيو ته تعلقي جي ڪيترن ئي اسڪول ڻ استادن تعيلم پرائڻ نٿا اچن جنهن سبب هزارين شاگرد تعليم کان محروم آهن. ڳوٺاڻن سول جج ديدار علي جي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته تعليم کاتي جي انتظاميا جي بي ڌياني سبب استاد رشوت عيوض گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، جڏهن ته سندن ٻار ڌڻ چارڻ تي مجبور آهن. سول جج عوام جي شڪايت جو نوٽيس وٺي تعليم کاتي جي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گوسڙو استادن کي نوڪري تي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي جا عملدارن جو اسڪولن تي ڌيان نه هجڻ سبب ڪيترائي اسڪول ۽ استاد گهوسٽ بنجي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

In Tando Adam, 65-year-old Shaheed Benazir Bhutto was celebrated

نيوز: ٽنڊي آدم ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه ملهائي وئي

ٽنڊي آدم ۾ ڌار ڌار تقريبون ڪوٺائي شهيد بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه ملهائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے