22 جمعو , جون 2018

عوامي آواز نيوز | پاڪستان محدود وسيلن باوجود دهشتگردي خلاف ڪاميابيون ماڻيون آهن: احسن اقبال

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جي ڀيٽ ۾ انتهائي محدود وسيلن باوجود دهشتگردي خلاف اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ٽريلين ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود آمريڪا منزل ناهي ماڻي سگهيو. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ناهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف قدم ان لاءِ کڻي پيو ته هو قائداعظم جي نظريي تي يقين رکن ٿا. احسن اقبال چيو ته هو پرامن پاڪستان چاهين ٿا ته جيئن ايشين ٽائيگر بڻجي سگهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا طرفان افغانستان ۾ خرچ ڪيل ٽريلين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان محدود وسيلن باوجود گذريل چئن ورهين دوران گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جن جي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. وفاقي گهرو وزير احسن اقابل چيو ته آمريڪا ٽريلين ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود پنهنجي منزل حاصل ناهي ڪري سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

In Tando Adam, 65-year-old Shaheed Benazir Bhutto was celebrated

نيوز: ٽنڊي آدم ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه ملهائي وئي

ٽنڊي آدم ۾ ڌار ڌار تقريبون ڪوٺائي شهيد بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه ملهائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے