11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز نيوز | دهشتگردي خلاف فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي: خواجا آصف

پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف گذريل چئن کان 5 ورهين دوران فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي، 12 آڪٽوبر 1999ع ۾ سندن وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پرويز مشرف جو 12 آڪٽوبر 1999ع جو هر قدم پنهنجي دور کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ هو. هن چيو ته 12 آڪٽوبر 1999ع تي سندس 13 سيشن ٿيا، هر سيشن ڪلاڪن تائين هلندو هو. کيس اکين تي پٽي هوندي هئي. خواجه آصف چيو ته ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو خطرو ناهي، سڀ ادارا آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ادارن ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر اهي جمهوريت جو حسن آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے