11 پیر , دسمبر 2017

ڀيڻ جي خوشيءَ خاطر پنهنجي محبت کي گهٽو ڏئي ڇڏيو: وديا بالن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڊرٽي گرل وديابالن  ٽي وي تي هلندڙ نيها ڌوپيا جي نالي واري شو ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن پنهنجي ڀيڻ جي خوشيءَ لاءِ پنهنجي سچي محبت کي گهٽو ڏئي ڇڏيو هو. وديا بالن وڏي رومينٽڪ انداز ۾ نيها ڌوپيا کي چيو ته اوهان کي خبر آهي ته مان پاڻ کي ”شهيد“ وانگر محسوس ڪندي آهيان ڇاڪاڻ ته جين ئي مونکي خبر پئي ته ”منهنجو محبوب“ اصل ۾ مونکي نه پر منهنجي ڀيڻ کي پسند ڪندو آهي ۽ منهنجي ڀيڻ سان اڪثر ”ڊيٽ“ تي به وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته مان سوچيو ته شايد منهنجو محبوب ”منهنجو ڀيڻيوو“ بڻجي سگھي ٿو جنهن کانپوءِ مان پنهنجي محبت جو کي گهٽو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته وديا بالن جي اها ”محبت“ ڀلي نامڪمل رهي هجي پر هاڻي هن کي سڌارٿ راءِ ڪپور جي شڪل ۾ سچو پيار ملي ويو آهي جنهن جي هوءَ هاڻي گھر واري آهي. سريش ترويني جي هدايتڪاري ۾ ٽهندڙ فلم ۾ وديا بالن هڪ ليٽ نائٽ ريڊيو جاڪي جي رول ۾ نظر ايندي جڏهن ته ته بوس جي ڪردار ۾ نيها ڌوپيا نظر ايندي. 17 نومبر تي هندستاني سينيمائن جي زينت بڻجڻ واري ”تمهاري سولو“ جي باري ۾ وديا بالن ڪافي پراميد آهي جڏهن ته فلم جي ڪاميابي هڪ دفعو ٻيهر وديا کي مين اسٽيم ۾ آڻي سگھي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن لاءِ ڪنسرٽ، لبناني گلوڪاره حبا تواجي طرفان فن جو مظاهرو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ عورتن لاءِ ٿيل ڪنسرٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے