23 سومر , آڪٽوبر 2017

پئسا ڪمائڻ بابت ناهيان سوچيندو، جاندار ڪهاڻين تي يقين رکان ٿو: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) عامر خان ترڪي کان واپسي کانپوءِ هڪ ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پنهنجي فلمي ڪيريئر ۽ ذاتي زندگي تي خوشگوار موڊ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ ڏينهن سندس تخليقي صلاحيتون ختم ٿي وينديون پر سندس خواهش آهي ته ان جو علم هن کي سڀ کان پهريان ٿئي ته هو فلمي دنيا مان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري وٺي. فلمي دنيا ۾ پنهنجا نوازي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ عامر خان چيو ته پنهنجا نوازي فلمي صنعت ۾ ئي نه پر هر جاءِ تي موجود آهي، هن چيو ته پنهنجي ٻارن کي فلم نگري ۾ متعارف ڪرائڻ سان ڪجهه نٿو ٿئي ڇو ته اصل فيصلو فلم ڏسندڙن کي ڪرڻو هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته هن کي انهن سڀني شئين سان ڪو  به فرق نٿو پوي ڇو ته هو پنهنجي فلمن ۾ سچائي کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان معيار تي پورو لهڻ واري کي ئي اڳتي آڻيندو آهي، گذريل ڏينهن ۾ آمريڪي رسالي فوربز دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ اداڪارن جي فهرست جاري ڪئي آهي جنهن ۾ باليووڊ جا به ڪيترائي نالا شامل آهن پر ان ۾ عامر خان جو نالو نه هو. ان حوالي سان عامر خان چيو ته مان هڪ محدود حد تائين پنهنجي ضرورتن مطابق پئسو ڪمائيندو آهيان ان ڪري فلمن مان ڪمائي ڪرڻ کي گهڻي ترجيح ناهيان ڏيندو ڇو ته مان مداحن جي دلين کي ڇُهڻ جو خواهشمند آهي. عامر خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان ڪڏهن به پئسو ڪمائڻ بابت نه سوچيو آهي جنهن ڪري مان جاندار ڪهاڻين تي يقين رکندو آهيان ته جيئن فلم ڏسندڙن کي به تفريح ملي سگهي. بالي ووڊ سپر اسٽار سال ۾ هڪ ئي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته سندس فلمون هڪ يا ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي وينديون آهن، جنهن ڪري هو هڪ وقت ۾ رڳو هڪ ئي فلم تي ذهن لڳائي سگهندو آهي. عامر خان فلمن  ۾ پنهنجي ڪردار ۾ گهڙي وڃڻ جي ڪري به مشهور آهي، عامر چوندو آهي ته سندس گهر وارا به هن جي بدلجندڙ روپ تي پريشان هوندا آهن ۽ سندس گهر واري به ان جي روپ تي مذاق اڏئيندي آهي ۽ چوندي آهي ته کيس هاڻي عامر خان جو اصلي چهرو ياد ئي ڪونهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”ٽائيگر زندهه هي“ جو پوسٽر جاري، فلم 22 ڊسمبر تي رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ٽائيگر جي نئين ايندڙ فلم ”ٽائيگر زندهه هي“ جو پهريون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي