11 پیر , دسمبر 2017

ڪنهن کان به نٿو ڊڄان، سلمان خان کي عدالت ۾ گهليندس: انڊر ورلڊ ڊان جو مائٽ زبير خان

ممبئي (شوبز نيوز)باليووڊ جي سلطان ۽ بگ باس جي ميزبان سلمان خان تي انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيمي جي مبينا مائٽ ۽ بگ باس سيزن 11 ۾ شامل زبير خان الزام لڳائيندي چيو آهي ته سلمان خان نه رڳو هن کي 40 ڌمڪيون ڏنيون پر 200 جي لڳ ڀڳ مسڪالون به ڏنيون آهن. بگ باس سيزن 11 شروع ٿيندي ئي ميزبان سلمان خان مختلف معاملن جو شڪار بڻجي ويو، هن ڀيري بگ باس سيزن 11 ۾ شوبز سان تعلق رکندڙ مختلف شخصيتن کانسواءِ ڀارت جي انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم جي مائٽ زبير خان به شرڪت ڪئي ۽ بگ باس جي گهر ۾ موجود ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ انتهائي خراب رويو اختيار ڪيو ۽ گارگند ڪئي، سندس اهي حرڪتون ڏسي سلمان خان پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ هفتي جي آخر ۾ زبير خان کي ڇنڊ پٽيائين، زبير خان جو اهو رويو ڀارتي عوام کي به پسند نه آيو هو ۽ عوام به سڀ کان گهٽ ووٽ ڏئي زبير خان کي گهر کان ٻاهر ڪري ڇڏيو، گهر کان ٻاهر ايندي ئي زبير خان سلمان خان تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته سلمان خان هن کي ڌمڪائيندي چيو ته هو مونکي انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل نه ڇڏيندو. اهو معاملو ايترو ته شديد ٿي ويو آهي جو زبير خان پنهنجي بيان ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته بگ باس جي گهر ۾ ويڪ اينڊ جي وار دوران سلمان خان پاران لڳاتار ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته هو مونکي انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏيندو، هن چيو ته مون نه سلمان خان جو لوڻ کاڌو آهي ۽ نه ئي دائود ابراهيم جو، آئون ڪنهن کان نٿو ڊڄان، مان سلمان خان کي عدالت ۾ گهليندس ۽ پوليس ڪمشنر سان گڏ ملاقات دوران آئون ٻڌائيندس ته سلمان خان پاران مونکي 2 ڏينهن ۾ 40 ڌمڪيون مليون آهن جڏهن ته 200 جي لڳ ڀڳ فون ڪالون به ڪيون ويون آهن جيڪي مون اٽينڊ نه ڪيون هيون ڇو ته آئون ڄاڻان ٿو ته سلمان خان مونکي ٻيهر ڌمڪيون ڏيندو، واضح رهي ته زبير خان پاران داخل ٿيل درخواست ۽ الزامن جي جوابن ۾ اڃا تائين سلمان خان جو ڪو به موقف سامهون ناهي آيو، ماڻهو اهو ڄاڻڻ لاءِ بي چين آهن ته سلمان خان ان بابت ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن لاءِ ڪنسرٽ، لبناني گلوڪاره حبا تواجي طرفان فن جو مظاهرو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ عورتن لاءِ ٿيل ڪنسرٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے