11 پیر , دسمبر 2017

ڪون بني گا ڪروڙ پتي شو ۾ اميتاڀ بچن جي ”ڪمپيوٽر جي“ جو راز کُلي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي جي مشهور ترين شو ”ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ بابت شو جي اڳوڻي رانديگر هڪ اهڙو انڪشاف ڪيو آهي، جنهن کي اڄ تائين اميتاڀ بچن سميت شو جي پوري ٽيم ڳجهو رکيو هو. ڪون بني گا ڪروڙ پتي گذريل 8 سيزن کان ڀارت سميت سڄي دنيا جي ماڻهن جو پسنديدا شو رهيو آهي، پروگرام جي مقبوليت ۾ باليووڊ جي بگ بي ۽ شو جي ميزبان اميتاڀ بچن جو به وڏو هٿ آهي، اميتاڀ جڏهن پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو آهي ته ”ڪمپيوٽر جي لاڪ ڪيا جائي“ ته ماڻهو ان جا ديوانا ٿي ويندا آهن ۽ ائين لڳندو آهي ته اميتاڀ جي سامهون ڪا مشين نه پر ڪو زندا انسان هجي، جيڪو اميتاڀ جون نه رڳو ڳالهيون غور سان ٻڌندو آهي پر اهي تمام ڳالهيون مڃيندو به آهي، پر اهو واقعي سچ آهي، ان بابت شو جي اڳوڻي رانديگر راز کولي ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق اڀينو پانڊي اميتاڀ بچن جي ”ڪمپيوٽر جي“ جا ڪجهه راز کوليندي ٻڌايو ته هو ڪي بي سي جي هاٽ سيٽ تي ويهڻ کان اڳ کيڏي ويندڙ هڪ ٻي گيم ”فاسٽر فنگر” ۾ اميتاڀ بچن جي سيٽ جي بلڪل پويان ويٺو هو ۽ هن جو ڌيان شو سان گڏ باقي تمام شين تي به هو. اميتاڀ جي ڪمپيوٽر جي ۾  هڪ ڪاري رنگ جو زون هوندو آهي جنهن ذريعي ٻئي ڪمپيوٽر يعني اميتاڀ ۽ رانديگر جي سامهون رکيل ڪمپيوٽر آپريٽ ٿيندو رهندو آهي، ان کان علاوه ان زون ۾ پوري شو جو مواد لکيل هوندو آهي. اڀينو جو چوڻ هو ته اميتاب پاران پڇيل ڪيترن ئي سوالن جا آپشنز، صحيح جواب، کٽيل پئسن جي فهرست ان کان علاوه سامهون ويٺل شخص جون ڪيتريون لائف لائين ختم ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون باقي آهن اهو سڀ ڪجهه ان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود هوندو آهي، ان سان گڏ ئي رانديگر جي تمام تفصيل به اميتاب جي ڪمپيوٽر جي زون ۾ هڪ طرف هوندي آهي، ايستائين جو رانديگر جي نوڪري، رهائش وغيره به ان اسڪرين تي موجود هوندي آهي، جنهن کي ڏسي اميتاڀ ڪمپيوٽر کي هدايتون جاري ڪندو آهي ۽ اسان کي ايئن لڳندو آهي ته هو ”ڪمپيوٽر جي“ سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته اڀينو پانڊي شو ۾ 12 لک 50 هزار رپين جي رقم کٽي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن لاءِ ڪنسرٽ، لبناني گلوڪاره حبا تواجي طرفان فن جو مظاهرو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ عورتن لاءِ ٿيل ڪنسرٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے