23 سومر , آڪٽوبر 2017

ڪرينا ۽ سيف پٽ تيمور کي انگلينڊ بورڊنگ اسڪول موڪليندا

ممبئي( شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور خان ۽ نواب سيف علي خان جو پٽ  تيمور پيدائش کان وٺي خبرن زينت رهيو آهي. پر هاڻ سيف ۽ ڪرينا پٽ جي پرورش عام ٻار جيان ڪرڻ چاهن ٿا.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪرينا ڪپور خان ۽ سيف گڏيل طور ته فيصلو ڪيو آهي ته هو تيمور کي انگلينڊ جي بورڊنگ اسڪول موڪليندا. ان بابت سيف علي خان چيو آهي ته هن سندس گهرواري  ڪرينا ڪپور خان ڳالهين بعد گڏيل طور تي فيصلو ڪيو آهي ته تيمور کي شوبز جي دنيا کي پري رکيو ويندو جئين تيمور جي معصوميت برقرار رهي. سيف علي خان چيو ته تعيمور جي پرورش ائين ٿيندي جئين سندس ٻين ٻارن سارا ۽ ابراهيم جي ٿي آهي. واضح رهي ته ڪرينا ڪپور جي نئي ايندڙ فلم” وير دي ويڊنگ“ ۾ تيمور جو مختصر ڪردار هجڻ جون خبرون آهن جنهن جي ڪرينا ڪپور ترديد ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”ٽائيگر زندهه هي“ جو پوسٽر جاري، فلم 22 ڊسمبر تي رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ٽائيگر جي نئين ايندڙ فلم ”ٽائيگر زندهه هي“ جو پهريون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي